20 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
20 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس.
تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.
ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اُهو بچي نہ ويندو.
ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.
ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.
هن چيو تہ ڪهڙا؟ ۽ يسوع چيو تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر،