Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:2 - Sindhi Bible

2 خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن سان خداوند عهدنامو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري فرمايائين تہ اوهين ٻين معبودن کان متان ڊڄو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو، ۽ نہ انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نہ انهن لاءِ قرباني چاڙهجو:


جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.


تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي.


تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو:


حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.


۽ هن پنهنجو عهد، يعني ڏهہ حڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايا، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏنائين: هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکيا.


اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ