Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:16 - Sindhi Bible

16 تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.


توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.


ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي.


توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.


۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


اي ٻارو، سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند کي گهڻو پسند آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ