Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:14 - Sindhi Bible

14 پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.


انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.


انهيءَ ۾ صور جا ماڻهو بہ رهندا هئا، جي مڇي، ۽ ٻيو هر قسم جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني يهوداہ کي، يروشلم ۾ وڪڻندا هئا.


تڏهن مون هنن کي عتاب ڏيئي چيو تہ ڀت جي آس پاس ڇو ٿا رات رهو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ اوهان کي پڪڙيندس. انهيءَ وقت کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.


انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن.


ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.


۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ:


۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.


ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر:


ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ