Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:12 - Sindhi Bible

12 تون خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب، سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو مون لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جيئن مون خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.


۽ هن کين چيو تہ هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي، جا خداوند فرمائي هئي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند جو پاڪ سبت آهي؛ جيڪي پچائي سگهو سو پچايو، ۽ جيڪي رڌي سگهو سو رڌيو، ۽ جيڪي باقي بچي سو پنهنجي واسطي صبح تائين رکي ڇڏيو.


انهيءَ طرح ستين ڏينهن ماڻهن آرام ڪيو.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئُہ تہ اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور مڃيندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ اها منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهي، تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ اُهو خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي؛ پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي: جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.


۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛


جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


نڪي سبت جي ڏينهن پنهنجن گهرن مان بار کڻي ٻاهر وڃو، ۽ نہ ڪو ڪم ڪريو: پر اوهين سبت جو ڏينهن پاڪ رکو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو؛


۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ:


ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ