Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:11 - Sindhi Bible

11 تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ اهي لچائيءَ سان تنهنجي برخلاف ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ تنهنجا دشمن تنهنجو نالو اجايو ٿا وٺن.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ