Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن کي اهڙا سچا قانون، ۽ فيصلا مليا هجن، جهڙي هيءَ شريعت، جا اڄ مون اوهان کي ڏني آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون سينا جبل تي بہ آئين، ۽ تو انهن سان آسمان مان ڳالهايو، ۽ انهن کي چڱا فيصلا ۽ سچا قاعدا، عمدا قانون ۽ حڪم ڏنا:


تو راستبازيءَ سان ۽ پوري وفاداريءَ سان، پنهنجون شاهديون فرمايون آهن.


تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.


تنهنجي ڪلام جو مطلب سچ آهي؛ ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ جا سڀ فيصلا هميشہ تائين قائم رهندا.


اهي مون کي ناحق ٿا ستائين؛ تون منهنجي مدد ڪر. تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.


مون ڏٺو آهي تہ هر ڪنهن ڪماليت جي حد آهي؛ پر تنهنجي حڪم جي ڪابہ حد ڪانهي.


تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن.


هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.


خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.


جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.


هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو.


۽ جيڪي قومون هن پيدا ڪيون آهن، تن سڀني ۾ هو توکي تعريف ۾، ۽ نالي ۾، ۽ عزت ۾ وڌائيندو، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي هڪڙي پاڪ اُمت ٿيندين، جيئن ڪ هن فرمايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ