41 پوءِ موسيٰ يردن جي هن ڀر اُڀرندي پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا؛
41 پوءِ موسيٰ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا،
۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو.
جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.
تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج.
تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ تون پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏج.
انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل مان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي ڀڄي وڃي؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي رهي: