Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:40 - Sindhi Bible

40 ۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:40
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


تنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن بہ زال جو حمل نہ ڪرندو، ۽ نہ ڪا سنڍ ٿيندي: آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:


۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


۽ يرمياہ ريڪابين جي گهراڻي کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان پنهنجي پيءُ يوناداب جو حڪم مڃيو آهي، ۽ ان جون سڀ وصيتون بجا آنديون آهن، ۽ جيئن هن اوهان کي حڪم ڏنو تيئن هر طرح ڪيو آهي؛


پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ وسائيندس، يعني انهي ملڪ ۾ جو مون قديم وقت کان وٺي هميشہ لاءِ اوهان جن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.


تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.


جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.


”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“


۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.


تون اهو نہ کائج؛ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌ، تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.


پر تون بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماڻ رکج؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي.


تنهنجي جتي لوهہ ۽ پتل جي ٿيندي؛ ۽ جهڙا تنهنجا ڏينهن اهڙي ئي تنهنجي طاقت ٿيندي.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


جيڪو حڪم آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو تنهن ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌائجو، نڪي انهي مان ڪجهہ گهٽائجو، انهي لاءِ تہ خداوند اوهان جي خدا جا حڪم جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، سي مڃيندا رهو.


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن، تن هزارن تي آءٌ رحم ڪندو آهيان.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.


تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ