Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:21 - Sindhi Bible

21 انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي چيو تہ، اوهان مون تي اعتقاد نہ رکيو، ۽ اوهان بني اسرائيل جي نظر ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، تنهنڪري اوهين هن جماعت کي انهي ملڪ ۾ ڪين پهچائيندا جيڪو مون هنن کي ڏنو آهي.


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو هو، ۽ منهنجي نہ ٻڌائين، ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ؛ تنهنجي لاءِ ايترو بس آهي.


ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.


اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛)


۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.


انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي، ۽ اهو خون تنهنجي سر تي نہ پوي.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ