Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:19 - Sindhi Bible

19 يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:19
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.


۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛


ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.


۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.


انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات وارو منهنجو عهد اقرار نہ بيهندو، جيڪڏهن مون آسمان ۽ زمين جا قانون مقرر نہ ڪيا آهن؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي:


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ جيڪي گهوڙا يهوداہ جي بادشاهن سج لاءِ ڏنا هئا، ۽ جي خداوند جي گهر جي لنگهہ وٽ ناتن ملڪ ناظر جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان دالان ۾ هئا، سي ڪڍي ڇڏيائين؛ ۽ سج جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.


يا زمين تي سُرندڙ ڪنهن جيت جي صورت، يا زمين جي هيٺ پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت جوڙيو:


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي.


۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛


۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:


ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين.


نہ ڪا ٻولي آهي نہ ڪو ڪلام؛ نڪي انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ