Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هن پنهنجو عهد، يعني ڏهہ حڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايا، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏنائين: هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو.


تو پنهنجا قاعدا ڏنا آهن، تہ اسين خبرداريءَ سان اُنهن تي عمل ڪريون.


تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.


جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،


۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،


۽ خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو: اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، پر شڪل ڪانہ ڏٺي؛ رڳو اوهان آواز ٻڌو.


۽ خداوند انهي وقت مون کي فرمايو، تہ اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاريان، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.


انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ