Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:12 - Sindhi Bible

12 ۽ خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو: اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، پر شڪل ڪانہ ڏٺي؛ رڳو اوهان آواز ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو. اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو پر شڪل ڪانہ ڏٺي، رڳو آواز ئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:12
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


سو اوهين ڪنهن سان خدا جي مشابهت ڪندا؟ يا ڪنهن سان هن جو مقابلو ڪندا؟


هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو.


هڪڙي جي آواز چيو تہ پڪار، ۽ ٻئي چيو تہ ڇا پڪاريان؟ سڀ ماڻهو گاهہ وانگر آهن، ۽ انهن جي سڀ سونهن ميدان جي گاهہ وانگيان آهي.


آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.


۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.


سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي.


۽ هن پنهنجو عهد، يعني ڏهہ حڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايا، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏنائين: هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکيا.


تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي سنڀال ڪجو؛ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن خداوند حورب وٽ باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو؛ تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي:


ڪڏهن ڪنهن قوم تو وانگر باهہ جي وچ مان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيئري رهي آهي؟


هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو.


اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.


خداوند اوهان سان انهي جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو،


۽ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون جي خدا جي آڱر سان لکيل هيون؛ ۽ انهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون، جي خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان سان ڪيون.


هو ناديدہ خدا جي صورت ۽ ساري مخلوقات کان اڳي مولود آهي؛


۽ تريءَ جو شور ۽ انهن ڪلامن جو آواز هو، جنهن جي ٻُڌڻ وارن منٿ ڪري چيو تہ هاڻي اسان کي وڌيڪ نہ ٻُڌايو وڃي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ