Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:11 - Sindhi Bible

11 سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 سو اوهين ويجھا اچي انهيءَ جبل جي هيٺان بيٺا. اهو جبل اونداهي دونهين جي گھاٽن بادلن سان ڍڪيل هو ۽ انهيءَ جي مٿان آسمان جي اندر تائين باهہ پئي ٻري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي.


۽ زلزلي کان پوءِ باهہ آئي؛ پر خداوند باهہ ۾ بہ نہ هو؛ ۽ باهہ کان پوءِ هڪڙو هلڪو آواز آيو.


هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو.


هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.


۽ خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو: اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، پر شڪل ڪانہ ڏٺي؛ رڳو اوهان آواز ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن جبل باهہ سان پئي ٻريو، ۽ اوهان انڌڪار جي وچ مان اهو آواز ٻڌو، تڏهن اوهين مون وٽ آيا، يعني اوهانجن قبيلن جا رئيس، ۽ اوهان جا بزرگ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ