Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:8 - Sindhi Bible

8 جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛


عبر کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي جو نالو فلجہ هو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڏينهن ۾ زمين ورهائجي ويئي ۽ سندس ڀاءُ جو نالو يقطان هو.


قومن جا ٻيٽ انهن ئي جي اولاد ۾، سندن قبيلن ۽ ملڪن موجب ورهائجي ويا، جن مان هر هڪ جي ٻولي پنهنجي هئي.


۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجو موروثي حصو ٿئي:


۽ رڳو انهن کي زمين ڏني ويئي هئي، ۽ ڪو بہ ڌاريو ماڻهو هنن ۾ لنگهي نہ ويو:)


آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.


خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.


آءٌ تہ خداوند جي سچائيءَ موجب سندس ٿورا مڃيندس؛ ۽ خداوند تعاليٰ جي نالي جي تعريف پيو ڳائيندس.


تو زمين جون سڀ حدون قائم ڪيون آهن: اونهارو ۽ سيارو تو ئي مقرر ڪيا آهن.


مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو.


جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.


پر تون اي خداوند، سدائين سربلند آهين.


آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي.


ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.


جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


۽ هن هڪڙي ئي اصل مان ماڻهن جون سڀ قومون روءِ زمين تي رهڻ لاءِ پيدا ڪيون، ۽ سندن لاءِ ٺهرايل وقت ۽ رهڻ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيائين؛


انهي هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گهرن ۾ نٿو رهي؛ جيئن نبي چوي ٿو تہ،


اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ