Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 32:4 - Sindhi Bible

4 اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 32:4
66 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


خداوند جيئرو آهي؛ ۽ منهنجو ٽڪر شل برڪت وارو هجي؛ ۽ خدا، منهنجي ڇوٽڪاري جو ٽڪر شل سرفراز ٿئي:


اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو،


تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.


۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.


تنهنڪري اي سمجهہ وارو، اوهين منهنجي ٻڌو: خدا کان هرگز ائين نہ ٿيندو تہ هو شرارت جهڙو ڪم ڪري؛ قادر مطلق هرگز گناهہ جهڙو ڪم نہ ڪندو.


جڏهن تون چئين ٿو تہ هن کي نٿو ڏسين تڏهن تہ پاڻ هو گهٽ تو ڏي خيال ڪندو، جو حقيقت هن جي پيش آهي ۽ تون هن لاءِ منتظر آهين!


ڪنهن هن کي رستو ڏيکاريو آهي؟ يا ڪير چئي سگهندس تہ تو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو آهي.


خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟


ڇو جو خداوند مهربان آهي؛ ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي؛ ۽ سندس وفاداري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.


خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.


خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ راستباز آهي، ۽ پنهنجين سڀني ڪمن ۾ رحيم آهي.


جنهن آسمان ۽ زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو؛ جو سچ کي سدائين قائم ٿو رکي:


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


خداوند جيئرو آهي؛ شل منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي؛ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ خدا سرفراز ٿئي.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.


اي خداوند سچائيءَ جا خدا، آءٌ پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: توئي مونکي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.


ڇو جو خداوند جو ڪلام صحيح آهي؛ ۽ سندس سڀ ڪم سچائيءَ سان ٿا ٿين.


۽ ياد ڪيائون تہ خدا اسان جو ٽڪر آهي، ۽ خدا تعاليٰ اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


پنهنجي بندن کي پنهنجو ڪم ڏيکار، ۽ سندن اولاد تي پنهنجو جلال ظاهر ڪر.


تہ ظاهر ٿئي تہ خداوند سچو آهي؛ هو منهنجو ٽڪر آهي، ۽ منجهس ڪا ناراستي ڪانهي.


هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.


هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي.


بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.


۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،


مون کي خبر آهي تہ جيڪي بہ خدا ڪري ٿو سو هميشہ پيو ٿيندو: انهي ۾ ڪجهہ بہ وڌائي نٿو سگهجي، نڪي ڪجهہ منجهانئس گهٽائي سگهجي ٿو: ۽ خدا ائين ڪيو آهي تہ ماڻهو سندس اڳيان ڊڄن.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


اوهين هميشہ لاءِ خداوند تي ڀروسو رکو: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ هڪڙو دائمي ٽڪر آهي.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي.


تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


ڇالاءِ تہ پيءُ ڪنهن جي بہ عدالت نٿو ڪري، پر سموري عدالت پٽ جي حوالي ڪئي اٿس؛


۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)


۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.


هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري،


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟


ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“


خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ