Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سموري ڪاروبار، اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. خداوند جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن تي راضي هو، تيئن هو اوهان تي وري راضي ٿيندو ۽ اوهان سان ڀلائي ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


آءٌ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي اُمت جي ڪري سرهو ٿيندس: ۽ انهي ۾ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.


۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ پوريءَ مند تي مينهن وسائيندس، ۽ زمين پنهنجي پيدائش گهڻي ڏيندي، ۽ باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.


خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.


پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.


اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.


۽ تون موٽي وڃي خداوند جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ هن جا حڪم جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي عمل ڪندين.


توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ