Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 30:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 توڙي جو اوهين دنيا جي بلڪل پڇڙيءَ تائين جلاوطن ڪيا ويا هوندا، تہ اتان بہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي گڏ ڪري موٽائي آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 30:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان ۾ ٻڌج ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ جيڪا زمين تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ هن کي وري آڻج.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين خداوند ڏانهن ڦرندا، تہ اوهانجن ڀائرن ۽ اوهان جي اولاد تي اُهي رحم ڪندا، جي انهن کي قيد ڪري کڻي ويا آهن، ۽ هو وري هن زمين ۾ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي ۽ اوهان کان پنهنجو منهن نہ ڦيرائيندو، بشرطيڪ اوهين هن ڏي موٽندا.


پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.


ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ