Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:8 - Sindhi Bible

8 انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ وقت ئي اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان اهو سڄو ملڪ کسي ورتو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي حرمون جبل تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو.


۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وارا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهڻ لڳا: هو وڌي بسن کان بعل حرمون، ۽ سنير، ۽ حرمون جبل تائين آيا.


اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان.


تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛


ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري واري عيروعير شهر کان وٺي، صيئون جبل (جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين) انهي تائين پکڙيل آهي؛


هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:


انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ