Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا؛ ۽ اهڙو هڪڙو شهر بہ ڪونہ بچيو جو اسان هنن کان نہ ورتو؛ يعني ارجوب جو سارو ملڪ، جتي بسن واري عوج جي بادشاهت هئي، ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا، سو اسان جي قبضي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:


سو هنن انهي کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس ساري قوم کي، اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو: ۽ هنن انهي جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.


۽ جلعاد جو باقي ڀاڱو، ۽ سارو بسن، يعني ارجوب جو سمورو ملڪ، جو عوج جي سلطنت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو. (بسن کي رفائيم جو ملڪ ٿا سڏين.


منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)


انهيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ سندس ماڻهن کي بہ اسان جي هٿن ۾ ڏنو: ۽ اسان انهي کي اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا، ۽ انهن کي اُوچيون ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ انهن کان سواءِ ڪيترائي بنا ڪوٽ شهر بہ اسان هٿ ڪيا.


۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛


۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ