Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:26 - Sindhi Bible

26 پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو هو، ۽ منهنجي نہ ٻڌائين، ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ؛ تنهنجي لاءِ ايترو بس آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


انهيءَ ڳالهہ بابت مون ٽي ڀيرا خدا کي سوال ڪيو، تہ اهو مون مان نڪري وڃي.


۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ گهر نہ جوڙيندين:


۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين.


پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ