Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:22 - Sindhi Bible

22 اوهين انهن کان متان ڊڄو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


۽ جڏهن سڀني ملڪن جي بادشاهتن ٻڌو تہ خداوند اسرائيل جي دشمنن سان وڙهيو، تڏهن انهن تي خدا جو خوف غالب ٿيو.


جنهن بہ هنڌ اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو، تہ اسان وٽ اچي گڏ ٿجو؛ اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


۽ مون انهي وقت يشوع کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا، هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو، سو سڀ تو پنهنجين اکين سان ڏٺو: انهيءَ طرح خداوند پرئين ڀر سڀني بادشاهتن سان ڪندو، جتي تون وڃين ٿو.


۽ مون انهي وقت خداوند کي عاجزي ڪري چيو، تہ


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ