Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:20 - Sindhi Bible

20 جيسين ڪ خداوند اوهان جي ڀائرن کي اهڙو آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهي ملڪ کي هٿ ڪن جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي يردن جي پرئين ڀر ڏيڻ وارو آهي: پوءِ اوهان مان هرڪو موٽي پنهنجيءَ ملڪيت تي اچي، جا مون اوهان کي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيسين بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيسين اسين پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.


۽ ملڪ خداوند جي حضور ۾ جيتجي وڃي؛ تنهن کان پوءِ اوهين موٽي اچو، تہ پوءِ اوهين خداوند جي حضور ۾، ۽ اسرائيل جي اڳيان بي قصور ٺهربا، ۽ هي ملڪ خداوند جي حضور ۾ اوهان کي موروثي ملڪيت ٿي ملندو.


ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.


۽ مون انهي وقت يشوع کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا، هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو، سو سڀ تو پنهنجين اکين سان ڏٺو: انهيءَ طرح خداوند پرئين ڀر سڀني بادشاهتن سان ڪندو، جتي تون وڃين ٿو.


جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.


۽ چيائين تہ جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي فرمايو هو سو سڀ اوهان بجا آندو آهي؛ ۽ جيڪي مون اوهان کي چيو سو بہ سڀ اوهان ڌيان ڏيئي ٻڌو:


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


۽ چيائين تہ گهڻي دولت سان، ۽ گهڻي چوپائي مال سان، ۽ روپي ۽ سون، ۽ پتل ۽ لوهہ، ۽ گهڻن ڪپڙن سان پنهنجن تنبن ڏي موٽي وڃو: پنهنجن دشمنن جي ڦرلٽ جو مال پنهنجن ڀائرن سان وڃي ورهائجو.


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ