Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:2 - Sindhi Bible

2 ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي، تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جو حسبون ۾ رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


۽ خداوند رات جو رويا ۾ پولس کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي ٻُڌائڻ کان بس ڪر؛


۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.


۽ چوين تہ اي اسرائيليو ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو: سو اوهين دل نہ لاهجو؛ اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو؛


تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي، اڳتي وڌياسين: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجن سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو؛ ۽ ادرعيءَ ۾ اچي جنگ ڪيائين.


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


انهيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ سندس ماڻهن کي بہ اسان جي هٿن ۾ ڏنو: ۽ اسان انهي کي اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ