Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:18 - Sindhi Bible

18 ۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.


۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي.


هي آهن اهي قانون ۽ فيصلا، جن تي اوهين پنهنجي ساري عمر انهي ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.


اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛)


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج.


تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ تون پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏج.


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاشو ميدان ۾ پيل ملي، ۽ اها خبر پوي تہ ڪنهن انهي کي ماريو آهي؛


تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين.


اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ