Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:17 - Sindhi Bible

17 ۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:


اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا.


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


انهي ۾، يردن جي هن ڀر، اُڀرندي پاسي واري ميدان ۾، جو پسگہ جي سلاميءَ، ۽ ميدان جي سمنڊ تائين آهي.


پوءِ اُها سرحد بيٿ حجلہ جو پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن ويئي: انهيءَ سرحد جي پڇاڙي کاري سمنڊ جي اُتر واري شاخ تي وڃي بيٺي، جو يردن جي ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ آهي: اها هئي ڏکڻ واري سرحد.


۽ اُڀرندي واري سرحد هئي: کارو سمنڊ، يردن جي پڇاڙيءَ تائين، ۽ اُتر واري ڀاڱي جي سرحد يردن جي اصل پڇاڙيءَ واري ڀاڱي وٽ شاخ کان وٺي هلي:


۽ انهن جي ڏکڻ واري سرحد کاري سمنڊ جي حد کان وٺي هئي، يعني اُنهيءَ شاخ کان وٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي:


۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.


سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.


تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،


۽ قلعن وارا شهر هئا صديم، صير، ۽ حماٿ، رقٿ، ۽ ڪنرٿ؛


هن اسرائيل جي سرحد حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي عرباہ جي سمنڊ تائين موٽي قائم ڪئي، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي يوناہ بن امتي، جات حفر واري نبيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو.


تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ