Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:12 - Sindhi Bible

12 سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُڀرندي ڏي يردن کان وٺي، جلعاد جي ساري زمين، ۽ جدين، ۽ روبينين، ۽ منسين جي زمين، عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان وٺي، يعني جلعاد ۽ بسن تائين.


۽ موسيٰ جلعاد جو ملڪ، منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي کي ڏنو؛ ۽ هو اتي رهڻ لڳا.


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


۽ جلعاد جو باقي ڀاڱو، ۽ سارو بسن، يعني ارجوب جو سمورو ملڪ، جو عوج جي سلطنت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو. (بسن کي رفائيم جو ملڪ ٿا سڏين.


ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري واري عيروعير شهر کان وٺي، صيئون جبل (جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين) انهي تائين پکڙيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ