Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:11 - Sindhi Bible

11 (ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،


اِها ٻيڙي اهڙيءَ طرح ٺاهج جو انهيءَ جي ڊيگهہ ٽي سؤ هٿ، ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ ٿئي.


۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.


هاڻي يوآب بني عمون جي ربہ سان جنگ ڪري شاهي شهر ورتو.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.


تون هڪڙو رستو مقرر ڪر تہ ترار بني عمون واري ربہ ۾ اچي، ۽ ٻيو ڪوٽ واري شهر يروشلم ۾ يهوداہ ڏانهن وڃي.


۽ آءٌ ربہ کي اُٺن جي ويهڪ جي جاءِ ڪندس، ۽ بني عمون جي زمين کي ڌڻ جي ليٽڻ جي جاءِ ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


۽ اهي بہ عناقيم وانگر، رفائيم سڏبا آهن؛ پر موآبي انهن کي اميم ٿا سڏين.


(اهو بہ رفائيم جو ملڪ ٿو سڏجي: اڳئين وقت ۾ اتي رفائيم رهندا هئا؛ پر عموني انهن کي زمزميم ڪري سڏيندا هئا؛


۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،


بسن ۾ عوج جي سڄي بادشاهت، جو رفائيم مان باقي بچيل هو، جو عستارات ۽ ادرعي ۾ بادشاهت ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن کي موسيٰ ماري مات ڪري ڪڍي ڇڏيو هو.


۽ هن سندس ڀت ماپي تہ ماڻهوءَ جي، يعني ملائڪ جي ماپ موجب، هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿي.


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ