Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:10 - Sindhi Bible

10 انهي کان سواءِ سلڪہ، ۽ ادرعيءَ تائين ميدان جا سڀ شهر، ۽ سارو جلعاد، ۽ سارو بسن، يعني عوج جي بادشاهت جا سڀ شهر، جيڪي بسن ۾ شامل هئا، سي اسان هٿ ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:


۽ جد جا پٽ؛ انهن جي سامهون، بسن جي زمين ۾، سلڪہ تائين رهندا هئا:


تنهن کان پوءِ هو اُتان ڦيرو کائي، بسن ڏانهن ويا: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، پنهنجن سڀني ماڻهن سميت هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ ۾ ويو.


يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.


انهي ۾، يردن جي هن ڀر، اُڀرندي پاسي واري ميدان ۾، جو پسگہ جي سلاميءَ، ۽ ميدان جي سمنڊ تائين آهي.


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر:


۽ اڌ جلعاد، ۽ عستارات، ۽ ادرعي، بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر، اهي منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي ملڪيت هئا، يعني مڪير جي اڌ گهراڻي جي، سندن قبيلن موجب.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ