Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 3:1 - Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي، اڳتي وڌياسين: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجن سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو؛ ۽ ادرعيءَ ۾ اچي جنگ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين. بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ادرعي شهر جي ويجھو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 3:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو.


تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو.


۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


يعني امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، جو عستارات ۾ رهندو هو، تن کي جڏهن موسيٰ ادرعيءَ ۾ ماري ڇڏيو؛


تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، ۽ يهض ۾ اچي جنگ ڪيائين.


جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:


۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي، تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو.


۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛


هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:


۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،


انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر:


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ