3 تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.
3 اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ.
۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني.
۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين.
اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن کي خداوند جو ڊپ آهي، اهو سندس حڪمن جي ڪري گهڻو خوش ٿو رهي.
ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.
شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛
تون شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ لعنتي ٿيندين.
تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.