۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.