Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:3 - Sindhi Bible

3 پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.


۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو.


۽ انهي اسان کي هن هنڌ آندو آهي، ۽ اسان کي هي ملڪ ڏنو اٿس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ تون انهن کي نشانيءَ طور پنهنجيءَ ٻانهن تي ٻڌج، ۽ اهي تنهنجي نرڙ تي طوق وانگر هجن.


”خداوند ٿو فرمائي تہ هي اهو عهد آهي جو آئون انهن ڏينهن کانپوءِ ساڻن ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس؛“


ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.


۽ هن اُتي انهن پهڻن تي موسيٰ جي شريعت جو هڪڙو نقل لکيو، ۽ اُهو هن بني اسرائيل جي روبرو لکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ