Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:2 - Sindhi Bible

2 ۽ جنهن ڏينهن اوهين يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃو جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، انهي ڏينهن تون وڏا وڏا پهڻ کڙا ڪج، ۽ انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2-4 جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي اُهي لوهہ جي قلم ۽ شيشي سان هميشہ لاءِ ٽڪر تي اُڪريون وڃن تہ چڱو!


۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان:


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


ڇالاءِ جو اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي قبضو ڪري انهي ۾ رهندا.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛


پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو.


پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي.


سو جڏهن اوهين يردن جي پار وڃو، تڏهن اهي پهڻ، جن جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي عيبال جبل تي کوڙجو، ۽ تون انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛


اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي، تڏهن خداوند يشوع سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


پوءِ يشوع عيبال جبل تي، خداوند، اسرائيل جي خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي،


۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


۽ هن اُتي انهن پهڻن تي موسيٰ جي شريعت جو هڪڙو نقل لکيو، ۽ اُهو هن بني اسرائيل جي روبرو لکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ