Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:8 - Sindhi Bible

8 ۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڏهڪاءَ، هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن وسيلي اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.


۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.


۽ نشانين ۽ عجيب غريب قدرتن سان، ۽ مضبوط هٿن سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏي هيبت سان، پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛


۽ جنهن کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ فرعون ڏانهن، ۽ سندس نوڪرن ڏانهن، ۽ سندس ساري ملڪ ڏانهن، نشان ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ موڪليو؛


جيئن موسيٰ ساري اسرائيل جي اڳيان زوراور هٿ سان خوفناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا.


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ