Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون، ۽ خداوند اسان جو آواز ٻڌو، ۽ اسان جي مصيبت، ۽ اسان جي محنت ۽ اسان جي مظلومي ڏٺائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون. خداوند اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان جي مصيبت، محنت ۽ مظلومي ڏٺائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي.


۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.


تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، جيئن تو سان محبت ڪندڙن جو حق آهي.


تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


۽ خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.


فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾، سو هاڻي ڏس، بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن، سو بہ ڏٺو اٿم.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.


خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ