Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:6 - Sindhi Bible

6 ۽ مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي، ۽ اسان کي ڏک ڏنائون، ۽ اسان کان سخت غلامي ڪرايائون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.


۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.


هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ اوهين پنهنجي روزمرہ جي ڪم موجب سرن جي ٺهرايل انداز مان ڪجهہ بہ نہ گهٽايو، تڏهن کين معلوم ٿيو تہ اسان جو برو حال ٿيو آهي.


ڇالاءِ تہ جڏهن کان آءٌ تنهنجي نالي ڳالهائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان، تڏهن کان هو هن اُمت کي وڌيڪ ٿو ستائي، ۽ تو پنهنجيءَ اُمت کي ڪنهن بہ طرح ڇڏايو ڪينهي.


اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن، ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن خيال نہ ڊوڙائين.


تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:


تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون، ۽ خداوند اسان جو آواز ٻڌو، ۽ اسان جي مصيبت، ۽ اسان جي محنت ۽ اسان جي مظلومي ڏٺائين:


پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ