Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:5 - Sindhi Bible

5 ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


پر تون منهنجي ملڪ ۾ منهنجن عزيزن ۾ وڃي، اُتان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ زال وٺي اچ.


۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين.


پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.


پوءِ اسحاق يعقوب کي روانو ڪيو، ۽ هو فدان ارام ۾ لابن وٽ ويو، جو بيتوايل اراميءَ جو پٽ، ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.


۽ يعقوب لڪ چوريءَ لابن اسوريءَ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ هن کي پنهنجي وڃڻ جي خبر ڪانہ ڏنائين.


پر خدا رات جي وقت خواب ۾ لابن اسوريءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ ڳالهائين.


منهنجو حال هي هو، جو ڏينهن جو اُس، ۽ رات جو پاري، مون کي ساڙي ڇڏيو، ۽ منهنجين اکين مان ننڊ بہ نڪري ويئي.


۽ ٻيڻا پيسا پنهنجي هٿ ۾ کڻو؛ ۽ جيڪي پيسا اوهانجن ٻورن ۾ وجهي موٽايا هئائون، سي بہ پاڻ سان کڻي وڃو؛ تہ متان اها ڀل ٿي هجي:


۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون.


خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي.


۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.


۽ اسرائيل مصر جي ملڪ ۾ جشن جي علائقي ۾ رهي پيو؛ ۽ اتي مال ملڪيت گڏ ڪيائون، ۽ وڌندا ويجهندا ويا.


۽ هنن فرعون کي چيو تہ اسين هن ملڪ ۾ رهڻ آيا آهيون؛ ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي؛ تنهنڪري هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي موڪل ڏي.


پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.


سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.


پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.


۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين.


هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.


سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.


تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.


۽ ڪاهن اها ٽوڪري تنهنجي هٿن مان وٺي، خداوند تنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي رکي.


خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ