Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:18 - Sindhi Bible

18 ۽ خداوند بہ اڄوڪي ڏينهن توسان اقرار ڪيو آهي تہ تون هن جي خاص اُمت آهين، ۽ جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي تون بہ هن جا سڀ حڪم مڃيندو رهج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛


ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛


جڏهن آءٌ تنهنجي سڀني حڪمن تي نظر ڪندس، تڏهن شرمندو ڪين ٿيندس.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.


تہ هو اڄوڪي ڏينهن توکي پنهنجي خاص اُمت ٺهرائي قائم ڪري، ۽ هو تنهنجو خدا ٿئي، جيئن ڪ هن توکي چيو آهي، ۽ جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:


تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڪمربند ماڻهوءَ جي چيلهہ کي ٻڌل ٿو رهي، تيئن مون اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي، ۽ يهوداہ جي سڄي گهراڻي کي پاڻ سان ٻڌو آهي؛ تہ اُهي منهنجي لاءِ هڪڙي قوم ٿين، ۽ انهي ڪري منهنجو نالو ۽ منهنجي تعريف، ۽ منهنجو جلال ظاهر ٿئي: پر هنن ٻڌڻ نہ گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ