Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:16 - Sindhi Bible

16 خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏئي، تہ هنن قانونن ۽ فيصلن تي عمل ڪج: تنهنڪري تون پنهنجي ساريءَ دل سان، اهي ياد رکج ۽ مٿن عمل ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”سو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي حڪم ٿو ڏئي تہ هنن قاعدن قانونن تي عمل ڪجو. تنهنڪري اوهين پنهنجي پوري دل وَ جان سان انهن کي مڃي مٿن عمل ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.


هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهي لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو، ۽ جنهن ملڪ کي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، اتي پهچي انهي تي قبضو ڪريو؛


هي آهن اهي قانون ۽ فيصلا، جن تي اوهين پنهنجي ساري عمر انهي ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين:


پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


اوهين سنڀال ڪري خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، ۽ شهادتون، ۽ قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي عمل ڪندا رهجو.


تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ