Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:10 - Sindhi Bible

10 سو هاڻي، اي خداوند ڏس، جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي، تنهن جو پهريون ڦل مون آندو آهي. پوءِ تون اها خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ رکي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان سجدو ڪج:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو ڏس، اي خداوند! جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي تنهن جو پهريون ڦل مون تو وٽ آندو آهي.‘ پوءِ اها ٽوڪري کڻي وري اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي آڏو رکي خداوند کي سجدو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ هيئن ٿيندو تہ هڪڙي نئين چنڊ کان وٺي ٻئي نئين چنڊ تائين، ۽ هڪڙي سبت کان وٺي ٻئي سبت تائين، سڀ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ ايندا.


خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون.


دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا.


سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا.


پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.


تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين:


۽ ڪاهن اها ٽوڪري تنهنجي هٿن مان وٺي، خداوند تنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي رکي.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.


تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ