Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو وڃان،


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيان ٿو، تنهن ۾، جڏهن اوهين وڃي پهچو،


جيڪڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪو نبي، يا خوابن ڏسڻ وارو ظاهر ٿئي، ۽ اهو توکي ڪوبہ نشان يا عجيب ڪم ڏيکاري،


پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ.


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛


جڏهن تون انهي ملڪ ۾ پهچين جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تڏهن تون انهن قومن وانگر مڪروهہ ڪم ڪرڻ متان سکين.


انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي، ۽ اهو خون تنهنجي سر تي نہ پوي.


۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.


تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين:


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.


جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ