Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:8 - Sindhi Bible

8 تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.


۽ جي اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ اهو تاڃيءَ ۾ هجي يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ هجي، تہ اهو پکڙجڻ وارو آهي: پوءِ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي تون باهہ سان ساڙي ڇڏج.


۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ مان ڪجهہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي:


جنهن ڏينهن ڪوڙهيو پاڪ ٿئي، تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ هو ڪاهن وٽ آندو وڃي:


انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ انهن کي ڪڏهن پاڪ ٺهرائجي، ۽ ڪڏهن ناپاڪ ٺهرائجي: اهو آهي ڪوڙهہ جو قاعدو.


۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ چيائينس تہ ڏسج، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي: پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اُهي شيون نذر چاڙهہ، جن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا.


تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ