Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:5 - Sindhi Bible

5 جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نئين شادي ڪئي هجي، تہ هو جنگ تي نہ وڃي، نڪي کيس ڪا ٻي ذميواري سونپي وڃي. هو هڪڙي سال تائين ڀلي گھر ۾ رهي پنهنجيءَ زال کي خوش رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اُهي هڪ بدن ٿيندا.


ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.


جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.


۽ ٻئي چيو، تہ مون شادي ڪئي آهي، سو مون کان آيو ڪين ٿيندو.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن،


۽ جنهن ماڻهوءَ جي ڪنهن زال سان مڱڻي ٿي هجي، ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري.


ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ