Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:1 - Sindhi Bible

1 جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻ‌وڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو ٻي زال آڻي، تہ هو انهيءَ جي خوراڪ، پوشاڪ، ۽ شاديءَ جي حق ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ ڪري.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي زال گمراهہ ٿئي، ۽ ساڻس بيوفائي ڪري،


پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو.


۽ هن جو مڙس يوسف، جو راستباز ماڻهو هو ۽ مرضي نہ هيس تہ هن کي خلق ۾ خوار ڪريان، تنهن خيال ڪيو تہ هن کي پنهنجي پر ۾ ڇڏي ڏيان.


جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيئي ٻيءَ سان شادي ٿو ڪري، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو اُنهي نڪتل زال سان شادي ٿو ڪري، سو بہ زنا ٿو ڪري.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، ۽ هو هڪڙيءَ کي پيار ڪري، ۽ ٻيءَ کي حقير سمجهي، ۽ انهن ٻنهي مان، يعني پياريءَ مان، ۽ حقارت واريءَ مان، اولاد هجيس؛ ۽ جيڪڏهن پهريتو پٽ انهيءَ مان هجيس، جنهن کي حقير ٿو سمجهي؛


جڏهن ڪو ماڻهو زال پرڻجي، ۽ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ پوءِ انهيءَ سان اڻبڻت ٿئيس،


۽ مٿس چانديءَ جا هڪ سؤ مشقال ڏنڊ وجهن؛ ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي هڪڙي ڪنواريءَ ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي آهي، ۽ اهي ڏنڊ وارا پئسا ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين: پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ جي زال ٿي رهي؛ ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.


تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو انهيءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ڏئي، ڇالاءِ جو هن انهي کي بي آبرو ڪيو آهي؛ پوءِ هوءَ انهي جي زال ٿي رهي، ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.


۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري.


۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ