Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 23:9 - Sindhi Bible

9 جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ منزلگاهہ ۾ وڃين، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن خراب شيءِ کان بچائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 23:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.


۽ يهوسفط يروشلم ۾ رهي پيو: ۽ هو وري بيرسبع کان وٺي افرائيم جي ڪوهستان تائين ماڻهن وٽ ويو، ۽ انهن کي خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن موٽائي آندائين.


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


۽ سپاهين پڻ پڇيس تہ ڀلا اسين ڇا ڪريون؟ تن کي چيائين، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان زور زبردستي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن تي ڪوڙي تهمت آڻي ناحق وٺو، ۽ پنهنجي پگهار تي راضي رهو.


۽ انهيءَ طرح حزقياہ ساري يهوداہ ۾ ڪيو؛ ۽ هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان جيڪي چڱو ۽ درست ۽ حق هو، سو ڪيو.


انهن جي ٽين پيڙهيءَ جا ٻار ڀلي تہ خداوند جي جماعت ۾ شامل ٿين.


جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو احتلام جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تہ اهو منزلگاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي، ۽ منزلگاهہ ۾ نہ اچي:


جيڪو پرديسي خداوند سان اچي گڏيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ خداوند ضرور مون کي پنهنجي اُمت کان ڌار ڪندو: نڪي نامرد ائين چوي تہ ڏسو آءٌ تہ هڪڙو سڪل وڻ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ