Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 22:8 - Sindhi Bible

8 جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 22:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.


رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.


وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.


جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.


۽ جڏهن گوڙ جي ڪري وٽس اچي نہ سگهيا، تڏهن جتي هو ويٺو هو، اُتان ڇت کڻي کوليائون: ۽ جڏهن اُها ڀڃي پَٽي چڪا، تڏهن کٽولو جنهن تي اڌرنگي پيل هو، سو لاهي هيٺ ڪيائون.


هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:


تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.


تون پنهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻن قسمن جو ٻج نہ پوکج: متان انهي جو سڀ ميوو، يعني تنهنجو پوکيل ٻج، ۽ ڊاک جي سڀ پيداوار ضبط ٿي پوي.


تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


۽ جڏهن هو اُنهي مٿانهين جاءِ تان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن هن گهر جي ڇت تي سائول سان گفتگو ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ