Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان گڏ ٿو هلي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري اوهان کي فتح بخشي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي.


۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگهندو: جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف، ۽ اوهان جو ڊپ وجهندو، جيئن ڪ هن اوهان کي فرمايو آهي.


اوهين انهن کان متان ڊڄو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.


زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ