Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:3 - Sindhi Bible

3 ۽ چوين تہ اي اسرائيليو ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو: سو اوهين دل نہ لاهجو؛ اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:3
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.


ڇالاءِ جو خدا منهنجي دل کي سست ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قادر مطلق مون کي بي آرام ڪيو آهي:


لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.


رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


تنهنڪري ڊڄو نہ، اوهين تہ ڪيترين ئي جهرڪين کان وڌيڪ آهيو.


۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!


۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.


ڏس، خداوند تنهنجي خدا اهو ملڪ تنهنجي اڳيان رکيو آهي: وڃي انهي کي قبضي ڪر، جيئن ڪ خداوند، تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا، توکي فرمايو آهي؛ ڊڄ نہ، نڪي دل لٿل ٿي.


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري،


خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


۽ دائود سائول کي چيو تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل هن جي ڪري سست نہ ٿئي؛ تنهنجو ٻانهو وڃي هن فلستيءَ سان وڙهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ