Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’موآبين يعني بني لوط کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو عار جو شهر مون انهن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛


اسور بہ اچي ساڻن گڏيو آهي انهن بني لوط جي مدد ڪئي آهي.


موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


۽ انهن ماٿرين جي سلامي عار شهر تائين، بلڪ موآب جي سرحد تائين ٿي پهچي.


ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.


تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو.


جهڙيءَ طرح شعير ۾ رهندڙ بني عيسو، ۽ عار ۾ رهندڙ موآبين مون سان ڪيو؛ جيسين آءٌ يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃان جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي.


هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.


۽ انهن کي چيائين تہ افتاح هيئن ٿو چوي، تہ اسرائيلين نڪا موآب جي زمين کسي نڪا بني عمون جي:


تڏهن اسرائيلين ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچي موڪلي چيو تہ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي زمين مان لنگهڻ ڏي: پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي، ۽ ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ پيغام موڪليو پر هن بہ ڳالهہ نہ مڃي: ۽ اسرائيلي قادس ۾ رهجي پيا.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ